65

عمران خان :جو عدت دوران نڪاح: عون چوڌري کي طلب ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدت دوران نڪاح خلاف ڪيس ۾ عون چوڌري جي بطور گواهه طلبي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ سينئر سول جج نصر من الله بلوچ جي آڏو درخواستگذار محمد حنيف ۽ سندس وڪيل راجا رضوان عباسي عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت ٻڌڻي جي شروعات ڪندي پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي طرفان هڪ بيان ڏنو ويو آهي ۽ درخواست داخل ڪئي وئي آهي ان باري ۾ ڇا چوندو؟ ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عون چوڌري کي بطور گواهه طلب ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي. وڪيل راجا رضوان عباسي استدعا ڪئي ته عون چوڌري تمام گهڻو اهم شاهد آهي. عدالت کيس بيان قلمبند ڪرائڻ جي لاءِ طلب ڪري.عدالت عون چوڌري جي بطور شاهد طلبي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 27 اپريل تي ٻڌايو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو