63

قومي :۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون گڏ ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ وڌيڪ 2 درخواستون داخل

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون گڏ ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ 2 درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.هڪ ئي وقت چونڊون ڪرائڻ جون درخواستون شهري محمد عارف ۽ سردار ڪاشف خان طرفان داخل ڪيون ويون آهن.ياد رهي ته ان کان اڳ دفاع واري وزارت سموري ملڪ ۾ گڏ چونڊون ڪرائڻ جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي جيڪا ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڄ درخواست جي ٻڌني ڪندو. 3 رڪني بينچ ۾ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل آهن. گڏ چونڊون ڪرائڻ جي درخواستن تي هڪ ئي وقت چونڊون ٿيڻ جو امڪان آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو