67

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ عيد جي موڪلن دوران عمران خان کي حراسان نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ عمران خان کي عيد جي موڪلن دوران گرفتار ڪرڻ کان روڪڻ ۽ ڪيسز جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي درخواست تي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ عيد موڪلن دوران عمران خان کي حراسان نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي عيد جي موڪلن دوران گرفتاري کان روڪڻ ۽ ڪيسز جا تفصيل ڏيڻ جي درخواست تي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي.عمران خان طرفان ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو. فيصل چوڌري چيو ته سراج الحق زمان پارڪ آيو ڳالهين جي سٺي اڳڀرائي ٿي پر ٻئي صبح اسان ڏٺو ته سنڌ ۾ اسان جي صدر کي گرفتار ڪيو ويو.وڪيل فيصل چوڌري عدالت ۾ چيو ته اسان کي امڪان آهي ته عيد جي 5 موڪلن دوران هي ٻيهر آپريشن ڪندا. عدالت سڳوري عمران خان جي درخواست تي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو ۽ عيد جي موڪلن ۾ عمران خان کي حراسان نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت عمران خان جي درخواست عيد کان پوءِ تائين ٻڌڻي هيٺ رکڻ جي استدعا به منظور ڪندي درخواست 27 اپريل تي ٻيهر ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاق ۽ پوليس کان 27 اپريل تائين عمران خان خلاف ڪيسز جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو