69

سپريم ڪورٽ آڊٽ نه ٿيڻ جون خبرون بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڏهه سالن کان آڊٽ نه ٿيڻ جي خبرن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ترجمان وضاحت ڏني ته سپريم ڪورٽ جي جون 2021ع تائين آڊٽ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ 2021ع کان 2022ع جي آڊٽ جو عمل جاري آهي.ترجمان موجب سپريم ڪورٽ جي آڊٽ بابت آڊيٽر جنرل پاڪستان کان تصديق ڪري سگهجي ٿي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ڏنل ڄاڻ درست ناهي.
ياد رهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي آڊٽ بابت رجسٽرار کي طلب ڪيو هو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو