60

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ مهيني ڀارت جو دورو ڪندو

اسلام آباد: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ مهيني شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڀارت روانو ٿيندو.پرڏيهي وزارت جي ترجمان هفتيوار بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 4 ۽ 5 مئي تي بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي شهر گووا ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري 2016 کان پوءِ ڀارت جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني پرڏيهي وزير هوندو.ترجمان ٻڌايو ته ميمبر ڊيزاسٽر اٿارٽي اڄ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير ماحولياتي تبديلي شيري رحمان شنگهائي تعاون تنظيم جي دهلي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان سان گڏ ڊي جي نيشنل ڊيزاسٽر اٿارٽي به ورچوئل شرڪت ڪئي.پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ڀارت جي دوري لاءِ اسان جون تياريون جاري آهن. ڀارت جي دوري لاءِ ميڊيا جي شرڪت لاءِ به رهنمائي ڪنداسين.ٻئي طرف ڀارت ۾ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم جي دفاع واري وزارت جي اجلاس ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف ڀارت نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو