69

ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو، عيد ڇنڇر 22 اپريل تي ٿيندي

اسلام آباد: : ملڪ ۾ ڪٿي به شوال جو چنڊ نظر نه آيو ۽ عيدالفطر ڇنڇر 22 اپريل تي ٿيندي.مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ چنڊ نظر نه اچڻ جون شاهديون وصول ٿيڻ کانپوءِ اعلان ڪيو.ملڪ ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالخبير آزاد ڪئي.ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ چنڊ نظر اچڻ جي ڪا شاهدي وصول نه ٿي، جنهن کانپوءِ اعلان ڪيو ويو ته ملڪ ۾ عيدالفطر 22 اپريل ڇنڇر تي ملهائي ويندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو