اسلام آباد: اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ وڪيل خواجه طارق رحيم جي هڪ ٻئي مبينه آڊيو سامهون اچي وئي آهي. مبينه آڊيو ليڪ ۾ ثاقب نثار چيو ته خواجه هڪ ڳالهه چوڻ چاهيان ٿو، ان تي خواجه طارق ها ۾ جواب ڏنو.ثاقب نثار چيو ته هڪ ججمنٽ ضرور ڏسي وٺجو. 7 ميمبر ججمينٽ آهن. ان تي خواجه طارق سوال ڪيو ته ڪيترا؟اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته هي سوموٽو آهي، نمبر 4 آف 2010، سر اها 7 ميمبرن جي ججمينٽ 2012 سپريم ڪورٽ پيج نمبر 553 تي رپورٽڊ آهي.خواجه طارق چيو ته ٺيڪ آهي مان ڏسي وٺندس، ان تي ثاقب نثار چيو ته اوهان جو جيڪو به وڪيل آهي ان کي چئو هن کي ٿورو ڏسي وٺي. ان ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن….. ٺيڪ آهي جڏهن اوهان پڙهندو ته پاڻمرادو خبر پئجي ويندي.ان تي خواجه طارق چيو ته مان ضرور پڙهي وٺندس، مون اها 7 ميمبرن واري بينچ جي ججمينٽ به ڏسي ورتي آهي. ان ۾ هن چيو آهي ته جيستائين ايڪٽ نٿو ٺهي، ان کي جيڪڏهن اوهان غور سان پڙهندو ته ڪلاز ٿري ۾ آهي. ثاقب نثار جواب ڏنو ته جي جي، خواجه طارق ان تي چيو ته ان ۾ ٿورو رستو به ڏنل آهي، اهو ضرور ڏسجو.اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته جي سر مون ڏٺو آهي، اهوئي ته اسان وٽ وي آئوٽ آهي، ان تي خواجه طارق چيو ته اهو وي آئوٽ آهي.ثاقب نثار چيو ته اهوئي ته وي آئوٽ آهي، ٻئي صورت ۾ ڪيس ته بڻجي ئي نٿو. ان تي خواجه طارق چيو ته ها جي بالڪل صحيح آهي مان به ضرور ڏسندس.اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته ٻئي اها ڳالهه ته خواجه صاحب جيڪڏهن اوهان جو ماڻهو تيار هجي ته منير احمد خان وارو به استعمال ڪري وٺو، توهين عدالت جو چٽو ڪيس آهي.ان تي خواجه طارق جواب ڏنو ته اهو به ٿي رهيو آهي. اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته ڪالهه جيڪو ڪجهه آزاد جمون ڪشمير ۾ ٿيو ان کان پوءِ ته ڪابه…. خواجه طارق چيو ته اسان صرف 3 ميمبر بينچ جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهيون، ان ۾ وڌيڪ اڌ ڪلاڪ، ڪلاڪ لڳي سگهي ٿو. ان کان پوءِ اسان توهين عدالت ڪيس فائل ڪري رهيا آهيون.خواجه طارق جي جواب ۾ ثاقب نثار چيو ته هلو صحيح آهي. مهرباني سر مهرباني.
