65

موسميات کاتي سڀاڻي کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي سڀاڻي(اربع) کان خيبرپختونخواهه، بلوچستان، پنجاب، سنڌ ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.اهڙن علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو آچر تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي. ان دوران مري، گليات ۽ پوٽوهار ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان آهي.ان حوالي سان موسمياتي تجزيه ڪار جواد ميمڻ موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندو جنهن سبب پنجاب ۽ سنڌ جا ميداني علائقا گرمي هيٺ رهندا. جڏهن ته ان دوران گرمي پد 40 کان 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.جواد ميمڻ ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن گرمي رهڻ کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽڻ جو امڪان آهي ڇو ته سامونڊي علائقي ۾ موسم جهڙالو ٿي سگهي ٿو جڏهن ته 27 يا 28 اپريل کان برساتن جو طاقتور ۽ ڊگهو سسٽم ملڪ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو جيڪو 6 يا 7 مئي تائين ملڪ تي اثر انداز رهندو.هن چيو ته ايران ويجهو عرب سمنڊ ۾ سرڪوليشن بڻيل آهي جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ سٺي برسات جو امڪان آهي جڏهن ته سنڌ جي 80 کان 90 سيڪڙو علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي. اهڙي سسٽم سبب سنڌ ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات ۽ڳڙو به پئجي سگهي ٿو.جواد موجب خيبرپختونخواهه جي 90 سيڪڙو علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي صوبي جي مختلف هنڌن تي طوفان ۽ ڳڙو به پئجي سگهي ٿو. جڏهن ته جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به خطرو آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو