اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جو اجلاس سڀاڻي اربع ڏينهن طلب ڪيو آهي جنهن ۾ سمورين اتحادي پارٽين جا اڳواڻ موجود هوندا.ذريعن موجب اجلاس سڀاڻي 12:30 وڳي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي غور ۽ آئنده جي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان چونڊن ۽ ملڪ جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.
