60

ڪنهن به شهري جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ غير آئيني ۽ غيرقانوني آهي: ثاقب نثار جو آڊيو ليڪ تي رد عمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد: اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته منهنجي صبر ۽ خاموشي کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي. آڊيو ليڪ تي رد عمل ڏيندي ثاقب نثار چيو ته اهڙيون حرڪتون ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي جو حق رکان ٿو، ڪنهن به شهري جي نجي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ غير آئيني ۽ غيرقانوني آهي.هي ڪنهن جي نجي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪري ڇا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا؟ هي ماڻهو آئين ۽ قانون سان کيڏي رهيا آهن. هن واضح ڪندي چيو ته خواجه طارق رحيم منهنجو دوست ۽ سينئر قانوندان آهي.ثاقب نثار چيو ته هن مون کان راءِ گهري جيڪا مون کيس ڏني، مون کي خبر ناهي ته هو ڪنهن جي لاءِ راءِ گهري رهيو هو، مان آزاد شهري آهيان، هن وقت نه مان چيف جسٽس آهيان ۽ نه ئي وري ڪنهن بينچ جو حصو آهيان. مان پنهنجي پٽ جي آفيس ۾ به ماڻهن کي مفت قانوني مشورا ڏيندو آهيان.اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته هي ڪنهن جي نجي ڪال ٽيپ ڪري نوجوان نسل کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهن؟ ٻين جون ڳالهيون رڪارڊ ڪري پنهنجن ڪارن ڪرتوتن تي پردو نٿو وجهي سگهجي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو