اسلام آباد: سُپريم ڪورٽ جي ڪاز لسٽ مان چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي بئنچ ڊي لسٽ ٿي وئي آهي. چيف جسٽس پاڪستان جي بئنچ ۾ جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس اطهر من الله شامل هئا.سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته بئنچ آڏو اڄ 12 ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر هئا جن کي ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي.سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاران ڪيس ڊي لسٽ ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته نوٽيفڪيشن ۾ بئنچ ڊي لسٽ ڪرڻ جا سبب ناهن ٻڌايا ويا.بئنچ جي آڏو اڄ 12 ڪيس ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، سپريم ڪورٽ جي بئنچ نمبر 2 جي ڪيسن جي فهرست به ملتوي ڪئي وئي آهي.سپريم ڪورٽ جي بئنچ نمبر 2 جا ڪيسز به فهرست مان خارج، جسٽس طارق مسعود ۽ جسٽس شاهد وحيد تي ٻڌل بئنچ جي ڪاز لسٽ به ڊي لسٽ ٿي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب چيف جسٽس جي عدم دستيابي تي بئنچ ون جا ڪيس ڊي لسٽ ڪيا ويا آهن.ذريعن ٻڌايو آهي ته چيف جسٽس جي طبيعت خراب هجڻ بئنچ ڊي لسٽ ٿي آهي، چيف جسٽس بخار، جسم ۾ سور ۽ فلو جو شڪار آهي. چيف جسٽس گذريل ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ۾ هو. هاڻ هو صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو.
