61

پي ٽي آءِ چونڊن بابت 3 شرط حڪومت آڏو رکي ڇڏيا

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چونڊن بابت 3 شرط حڪومت آڏو رکي ڇڏيا، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وفدن وچ ۾ ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.ذريعن موجب ڳالهين ۾ پي ٽي آءِ شرط رکيو ته مئي ۾ قومي اسيمبلي ۽ رهيل 2 صوبائي اسيمبليون ٽوڙيون وڃن، 14 مئي کانسواءِ هڪ ئي وقت چونڊن لاءِ آئين ۾ ترميم ڪئي وڃي.آئيني ترميم لاءِ پي ٽي آءِ جون استعيفائون واپس وٺڻيون پونديون، هلندڙ سال جولاءِ مهيني ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پاران اڄ 3 وڳي ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اتحاد ۾ شامل پارٽين جي مشاورت سان فيصلا ڪيا ويندا، سمورا معاملا آئيني حدن ۾ رهي حل ڪنداسين.پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڳالهين جو پهريون دور 2 ڪلاڪ جاري رهيو، اسان حل ڪڍڻ جي جذبي سان ڳالهين ۾ ويٺا آهيون، سياسي پارٽيون ئي سياسي معاملن جو حل ڪڍنديون آهن، آئين کان مٿانهون ڪوبه حل ممڪن ناهي، ڳالهين کي دير جي حربي طور استعمال ڪرڻ نه ڏنو ويندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو