اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي احتساب ترميمي بل 2023 کي پارليامينٽ ڏانهن غور جي لاءِ ٻيهر اماڻي ڇڏيو.صدر عارف علوي بل آئين جي آرٽيڪل 75 ون بي جي تحت پارليامينٽ ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي احتساب آرڊيننس 1999ع ۾ پهريان ڪيل ترميم سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.هن چيو ته بل ۽ وزيراعظم جي ايڊوائس ۾ هن پهلو جو حوالو ناهي ڏنو ويو. صدر عارف علوي چيو آهي ته قومي احتساب آرڊيننس 1999ع ۾ وڌيڪ ترميم تي ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي.ياد رهي ته وزيراعظم آئين جي آٽيڪل 75 جي تحت بل توثيق جي لاءِ صدر عارف علوي ڏانهن اماڻيو هو.
