69

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 5 کان 7 روپيه لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جي تجويز سامهون آئي آهي جنهن جي لاءِ اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سمري حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 کان 7 کان روپيه لاٿ ڪري سگهجي ٿي ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 8 روپيه في ليٽر تائين لاٿ جي تجويز آهي پر پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار به رکي سگهجن ٿيون. برنٽ آئل مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمت 77.72 ڊالر في بيرل تائين رهي.ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار اوگرا جي سفارشن تي وزيراعظم سان مشاورت ڪندو. پيٽروليم شين جي قيمتن بابت حتمي فيصلو اڄ ڪيو ويندو. ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جون نيون قيمتون رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿينديون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو