اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي سبب مزدور طبقو معاشي طور تي سخت دٻاءُ ۾ آهي.شهباز شريف ٽوئيٽر تي چيو آهي ته اڄ جڏهن اسان مزدورن جي عالمي ڏينهن تي کين خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهيون. حقيقت اها آهي ته عالمي منڊين ۾ هيٺ مٿانهين مزدور طبقي جي معاشي پريشانين ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب اهي معاشي طور تي سخت دٻاءُ ۾ آهن.شهباز شريف چيو ته ترقي جي اها عمارت جيڪا محنت جي بنياد تي بيٺل آهي جيڪڏهن ان جي تعمير ڪندڙن کي ترقي جي ثمرن کان محروم رکيو ويو ته اها عمارت ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ويندي.هن وڌيڪ چيو ته مزدورن جي حقن کي پورو ڪرڻ ۽ انهن کي معاشي ترقي ۾ حصيدار بنائڻ منهنجي خيال ۾ عالمي معيشت جي لاءِ هڪ بنيادي چئلينج آهي.
