اسلام آباد: ناڻي وارو وزير اسحار ڊار اتحادي پارٽين سان تجويزون وٺڻ کان پوءِ 4 يا 5 جون تي بجيٽ پيش ڪندو.قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس جون جي پهرين هفتي ۾ ٿيندو جڏهن ته ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار 4 يا 5 جون تي بجيٽ پيش ڪندو. ان حوالي سان اتحادي پارٽين کان تجويزون ورتيون ويندوين.ذريعن موجب ترقياتي فنڊز تي به اهم فيصلا ڪندي ان تي عمل تيز ڪيو ويندو. واضح رهي ته وفاقي حڪومت ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ اسٽاف سطح جي معاهدي ۾ دير سبب ايندڙ مالي سان 2023-24 جي وفاقي بجيٽ جي تياري ۾ سخت پريشانين جو انڪشاف ٿيو آهي.
