67

پرويز الاهي ذاتي مشهوري لاءِ سرڪاري ناڻي مان ڪيتري رقم خرچ ڪئي؟ اهم دستاويز سامهون اچي ويا

پنجاب :جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي ذاتي مشهوري جي لاءِ سرڪاري ادارن کان ڊي جي پي آر کي ڪيترا پئسا ڏياريا انگ اکر سامهون اچي ويا.سامهون ايندڙ دستاويزن موجب پرويز الاهي جي حڪومت واري دور ۾ 2 ارب 33 ڪروڙ 14 لک روپين جا اشتهار هلرايا ويا. پنجاب سوشل ويلفيئر پروٽيڪشن 300، ايڪسائيز کاتي 200 ملين جا اشتهار ڏنا. ريسڪيو 1122 22 ۽ بورڊ آف روينيو به 200 ملين جا فنڊز ڏنا. ٽرانسپورٽ کاتي 32.7 ملين جا اشتهار ڏنا.صوبائي کاتي قدرتي آفتن ۽ اسپشلائزڊ هيلٿ ڪيئر هڪ سئو پنجاهه ملين جا فنڊز ڏنا. پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ به 150 ملين جا فنڊز ڏنا. ماحوليات کاتي 2 سئو، انفارميشن اينڊ ڪلچر 100 ملين جا اشتهار ڏنا.ان کان علاوه پلاننگ اينڊ ڊوالپمينٽ ۽ لائيو اسٽاڪ اينڊ ڊير يهڪ سئو 100 ملين جا اشتهار ڏنا. هائر ايجوڪيشن به 100 ملين جا اشتهار ڏنا. ذريعن جي دعويٰ آهي ته ناڻي کاتي پنجاب تجويز ڪيل فنڊز ۾ پنهنجون مرضيون هلايون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو