اسلام آباد: : سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023ع تي پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ طلب ڪندي جسٽس مظاهر نقوي کي بنچ کان ڌار ڪرڻ ۽ فل ڪورٽ ٺاهڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ عدالت سڳوري جي 8 رڪني لارجر بينچ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس اعجازالاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس مظاهر نقوي، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس اظهر حسن رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد لارجر بينچ جو حصو آهن.ٻڌڻي دوران عدالت ڪيس جي سمورين ڌرين کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته گذريل حڪمنامو عبوري نوعيت جو هو، جمهوريت آئين جي اهم جز مان آهي. آزاد عدليه ۽ وفاق به آئين جي اهم خدوخال مان آهن. ڏسڻو آهي ته عدليه جو جزو تبديل ٿي سگهي ٿو؟ عدليه جي آزادي بنيادي حق آهي. ان حوالي سان اهو ڪيس منفرد نوعيت جو آهي.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪيس تي ڌرين کان سنجيده بحث جي اميد آهي. لارجر بينچ کي بهترين مدد ڏيڻي هوندي. پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون قانون آهي. هي رياست جي ٽن ٿنڀن جي باري ۾ آهي. عدالت سپريم ڪورٽ رولز اينڊ پروسيجر بل تي پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. هوڏانهن سپريم ڪورٽ قائمه ڪميٽي ۾ ٿيندڙ بحث جو رڪارڊ به طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت سياسي پارٽين ۽ وڪيل تنظيمن کان 8 مئي تائين جواب گهري ورتو.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قانون سازي جي اختيار بابت وفاقي فهرست جون ڪجهه حدون به آهن. فيڊرل ليجسلينولسٽ جي سيڪشن 55 جو به جائزو وٺو اها حقيقت تبديل نٿي ٿي سگهي ته آزاد عدليه آئين جو بنيادي جز آهي. الزام آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئين جي بنيادي جز جي قانونسازي ذريعي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.پاڪستان بار ڪائونسل طرفان حسن رضا پاشا عدالت ۾ ٻڌايو ته پاڪستان بار هميشه آئين ۽ عدليه جي لاءِ ڪيس وڙهيو آهي. مناسب هوندو جيڪڏهن هن ڪيس ۾ فل ڪورٽ جوڙيو وڃي. بينچ ۾ 7 سينئر ترين ججز شامل هوندا ته ڪوبه اعتراض نه ڪري سگهندو. بينچ جي هڪ ميمبر خلاف 6 ريفرنس داخل ڪيل آهن ان موقعي تي پاڪستان بار ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي کي بينچ کان ڌار ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ ٺاهڻ جي استدعا فوري طور تي رد ڪندي قانون تي عمل ڪرڻ کان روڪڻ جي حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 7 سينئز ججز ۽ فل ڪورٽ ٺاهڻ چيف جسٽس جو اختيار آهي. افتخار چوڌري ڪيس ۾ عدالت چيو هو ته ريفرنس صرف صدر داخل ڪري سگهي ٿو سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي راءِ اچڻ تائين جج کي ڪم ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهجي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ به عدالت اهو فيصلو ڏنو هو.چيف جسٽس چيو ته شڪايتون ججز جي خلاف اينديون رهنديون آهن مون سميت سپريم ڪورٽ جي اڪثر ججز خلاف شڪايتون اينديون رهيون آهن. سياسي معاملن عدالت جو ماحول خراب ڪري ڇڏيو آهي. سياسي ماڻهو انصاف نه پر مرضي جا فيصلا چاهين ٿا. چونڊن جي ڪيس ۾ به ڪجهه ججز کي ڪڍي فل ڪورٽ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. سپريم ڪورٽ جي ججز جو فيصلو عدالت جو فيصلو هوندو آهي. هر ادارو سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پاشا صاحب اوهان بهتر انسان آهيو، پنهنجي چوڌاري ويٺل ماڻهن کان پڇا ڪري وٺو اوهان جا ماڻهو ڪنهن کي فل ڪورٽ چون ٿا. سپريم ڪورٽ بار کي اداري جو تحفظ ڪرڻو آهي. ججز کي اچڻو آهي ۽ واپس وڃڻو آهي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي ججز کي احترام ڏيڻ بجاءِ چونڊ ڪيو ويندو ته پوءِ ان مان لڳي ٿو ته اوهان انصاف نٿا چاهيو.ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل آف پاڪستان طرفان استدعا ڪئي وئي ته عدالت بينچ وڌائڻ تي غور ڪري جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پهريان اهو ته سمجهايو ته قانون ڇا آهي ۽ ڇو ٺهيو؟ بينچ جي تعداد کي به گهٽ ڪري سگهجي ٿو. عدالت اٽارني جنرل جي حڪم امتناع واپس وٺڻ جي استدعا به رد ڪري ڇڏي.
