اسلام آباد: عمران خان ۽ اسد عمر 120 کان وڌيڪ ڪيسن خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو.داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان، پي ٽي آءِ اڳواڻن، ڪارڪنن خلاف سئو کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪيترائي ڪارڪن اڃان تائين غائب آهن.هنن استدعا ڪئي ته ڪيسن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وڃي. اسلام آباد مان گرفتار ٿي ڪارڪنن ۽ گم ٿي ويلن کي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو وڃي. عمران خان خلاف فوجداري قانون جو غيرضروري ۽ غلط استعمال غيرقانوني قرار ڏنو وڃي.عمران خان درخواست ۾ چيو ته عدالت ڪارڪنن جي جبري گمشدگي ۽ گرفتاري کان روڪي ۽ هڪ ئي الزام تحت داخل ڪيسن کي ڪالعدم قرار ڏئي.
