58

فواد چوڌري کي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن توهين ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ فواد چوڌري کي توهين اليڪشن ڪميشن۾ جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏن ويو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ چار رڪني ڪميشن فواد چوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. فواد چوڌري پيش نه ٿيو پر سندس طرفان وڪيل پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته اهو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي هن چيو ته مان بطور پراڪسي ڪونسل پيش ٿي رهيو آهيان.چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته گذريل ٻڌڻي تي انور منصور بطور پراڪسي ڪونسل پيش ٿيو هو. چئن ٻڌڻين کان پراڪسي ڪونسل پيش ٿي رهيا آهن اهو ڪيس ٻئي توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪيسز کان ڌار آهي. 16 مئي تي فواد چوڌري تي چارج فريم ڪنداسين. تمام گهڻا موقعا ڏنا پر جواب جمع ناهي ڪرايو ويو.اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري کي جواب جمع ڪرائڻ جو آخري موقعو ڏيندي ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو