60

نيب جي تماشن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪوبه سرمائيڪاري ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي:شاهد خاقان

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قومي احتساب بيورو(نيب) گذريل سالن دوران هڪ به سياستدان کي گرفتار ناهي ڪري سگهيو، نيب جي تماشن کي ڏسي ملڪ ۾ ڪوبه سرمائيڪاري لاءِ تيار نه آهي.اسلام آباد ۾ احتساب عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب قانون ۾ ڪوڙن ڪيسز کي ختم ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. نيب عدالتن ۾ ڪيمرا لڳائي عوام کي ٻڌڻي ڏيکارڻ گهرجي.شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب ڪيسز ڏسي ملڪ ۾ ڪوبه سرمائيڪاري نٿو ڪري. نيب جي تماشن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي انصاف نه ملندو ته غريب کي ڪيئن ملندو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرايون آهن جنهن پارٽي کي حصو وٺڻو هو چونڊن ۾ حصو وٺندي. چونڊون ڪرائڻ ن ليگ جو ڪم نه آهي. پي ٽي آءِ ٻئي ڀيرا بدنيتي تي ڳالهيون ڪيون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو