67

هڪ ئي ڏينهن چونڊون: حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون اڄ ٻيهر شروع ٿينديون

اسلام آباد: حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ بابت ڳالهين جي فائنل رائونڊ جو وقت تبديل ڪيو ويو جنهن موجب ڳالهيون اڄ رات 9 وڳي شروع ٿينديون.ياد رهي ته حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪميٽين وچ ۾ ملڪ ۾ چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ بابت اتفاق راءِ لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري آهي. جنهن جا 2 دور ٿي چڪا آهن. حڪومت طرفان ڳالهيون ڪندڙ ڪميٽي ۾ ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، ريلوي وارو وار سعد رفيق ۽ وفاقي وفاقي اياز صادق، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي مان يوسف رضا گيلاني، سيد نويد قمر، ايم ڪيو ايم مان ڪشور زهره ڳالهين جي عمل ۾ شامل آهن. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي ۾ شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ سينيٽر علي ظفر شامل آهن.هتي اها ڳالهه به ذڪر ڪرڻ جوڳي آهي ته حڪومت طرفان جوڙيل 7 رڪني ڪميٽي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جو ڪوبه نمائندو شريڪ نه آهي. جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام(ف) جو امير مولانا فضل الرحمان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته تحريڪ انصاف سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ ڪنهن به جڳهه تي حصو نه بڻجنداسين.ٻئي طرف سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي طرفان جاري ڪيل بيان موجب حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن جي مصروفيت سبب سڀاڻي ٿيندڙ ڳالهين جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي. صادق سنجراڻي موجب حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ گڏيل راضپي کان پوءِ ڳالهيون سڀاڻي صبح 11 وڳي بجاءِ رات 9 وڳي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ٻيهر شروع ٿينديون.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو