67

اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي تاريخ تي نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي تاريخن تي نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي.اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي ڪيس ۾ 14 مئي تي چونڊن جي عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي.اليڪشن ڪميشن عدالت سڳوري کان پنهنجي 4 اپريل جي فيصلي تي نظرثاني جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار عدليه کي حاصل نه آهي. آئين ٺاهيندڙن عدليه کي اهو حق ناهي ڏنو ته هو چونڊن جي لاءِ تاريخ ڏئي.اليڪشن ڪميشن درخواست ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ادارن جي اختيارن کي چٽو ظاهر ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ڏئي طئي ٿيل قانون کي تبديل ڪيو ان ڪري سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جي غلطي کي صحيح ڪري.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو