اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي.چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻنپهرن جو 2 وڳي ٻڌڻي ڪندو. جنهن سلسلي ۾ عمران خان ليگل ٽيم سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيندو.گذريل ڏينهن عمران خان ٽنگ ۾ سوڄ ۽ تڪليف سبب پيش نه ٿي سگهيو هو، عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ اڄ تائين واڌ ڪئي هئي.وڪيل سلمان صفدر عمران خان جي اڄ پيش ٿيڻ جو يقين ڏياريو هو ضلعي انتظاميه ۽ پوليس طرفان سيڪيورٽي جا سخت قدم کنيا ويندا.ڪورٽ روم نمبر هڪ ۾ وڪيلن، صحافين جي داخلا خصوصي پاسن ذريعي ٿيندي جڏهن ته عمران خان سان گڏ 15 وڪيلن کي عدالت جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي. ان کان علاوه اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس مان 10 وڪيل عدالتي ڪمري ۾ وڃي سگهندا.هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي 30 ميمبرن کي عدالت جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي. ڪنهن به غير لاڳاپيل شخص کي عدالتي احاطي ۾ داخلا تي پابندي هوندي، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي وڏي نفري سيڪيورٽي لاءِ مقرر هوندي
