اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.هڪ بيان ۾ قاسم سوري چيو آهي ته وڏي صاحب جون سخت هدايتون آهن ته عمران خان کي هر حال ۾ گرفتار ڪرڻو آهي پوءِ چاهي ملڪ جون حالتون خراب ڇو نه ٿي وڃن.هن چيو ته اهڙي پلان تحت عمران خان جي زخمي ٿيڻ باوجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سندس غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ضمانت رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني جڏهن ته ٻئي طرف حمزه شهباز ۽ شهباز شريف کي ڪرپشن ڪيسز ۾ عدالت ۾ حاضر ٿيڻ کان تاحيات ڇوٽ ڏني وئي.قاسم سوري چيو ته لنڊن پلان تحت اسلام آباد ۾ ٻيهر قلم 144 لاڳو ڪئي وئي. سمورن سينئر آفيسرن کي عدالت ۾ حاضر رهڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويا آهن. سول ڪپڙن وارا وڏي انگ ۾ موجود هوندا. اسلام آباد پوليس کي اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. اهم شخصيت مانيٽرنگ ڪندي، صحافين جي لاءِ خاص هدايتون ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.قاسم سوري چيو ته حڪومت عمران خان کي گرفتار ڪري ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿي پر اسان سڀني عزم ڪري ڇڏيو آهي ته جان ڏئي ڇڏينداسين پر خان نه ڏينداسين.
