72

انٽيليجنس ادارا ججز جي مقرري کي ڪيئن ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد: پارلياماني ڪميٽي ذريعي ججز جي مقرري جو معاملو سپريم ڪورٽ تائين پهچي ويو. طارق آفريدي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر نه ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل حامد خان دليل ڏيندي چيو ته جوڊيشل ڪميشن طارق آفريدي کي پشاور هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. جوڊيشل ڪميشن جي سفارش باوجود طارق آفريدي کي ايڊيشنل جج مقرر نه ڪيو ويو ڇو ته پارلياماني ڪميٽي طارق آفريدي کي انٽيليجنس ايجنسيز جي رپورٽ تي نامزدگي رد ڪئي. انٽيليجنس رپورٽ موجب طارق آفريدي جي ساک سٺي نه آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله سوال اٿاريو ته انٽيليجنس ادارا ججز جي مقرريءَ کي ڪيئن ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا؟ ان سان ته عدليه جي آزادي اثر پوندو. پارلياماني ڪميٽي پيشوارانه صلاحيت بجاءِ انٽيليجنس رپورٽ جي روشني ۾ فيصلو ڪيو.

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو ته عدالت معاملي جو قانوني حيثيت سان جائزو وٺندي ڇا پارلياماني ڪميٽي جوڊيشل ڪميشن جي سفارشن کي رد ڪري سگهي ٿي؟ اٽارني جنرل کي عدالت جي مدد لاءِ گهرائي ٿا وٺون.

سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي معاونت لاءِ اٽارني جنرل کي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو