اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي ڪارروائي کان روڪيندي ڪيس تي منع نامي جو جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق توشه خانه فوجداري ڪيس خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عمران خان جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏنا.خواجه حارث چيو ته توشه خانه ڪيس جي لاءِ ڪمپلينٽ مجاز اٿارٽي طرفان درخواست داخل ناهي ڪرائي وئي. ڪمپلينٽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن طرفان داخل ڪئي وئي ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪنهن کي مجاز اٿارٽي مقرر ڪرڻ جو ڪوبه ليٽر پيش ناهي ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن صرف پنهنجي آفيس کي ڪمپلينٽ فائل ڪرڻ جو چيو. مجاز اٿارٽي کان سواءِ داخل ڪمپلينٽ تي ٻڌڻي نٿي ٿي سگهي.هن چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي سامهون اعتراض اٿاريو ويو. ٽرائل ڪورٽ چيو ته معاملو شهادتن جي مرحلي تي ڏسنداسين. اسان اهو چئون ٿا ته هن تي وڌيڪ ڪارروائي نٿي ٿي سگهي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ساڳئي قسم جون ٻيون درخواستون عبوري حڪم خلاف به آهن. عدالت سوال ڪيو ته ڇا هن کي مرڪزي پٽيشن جي طور تي ٻڌو وڃي؟ ان تي خواجه حارث چيو ته اهو به اعتراض آهي ته معاملو اڳ مئجسٽريٽ وٽ وڃڻ گهرجي ها. خواجه حارث استدعا ڪئي ته عدالت توشه خانه ڪيس ۾ فوجداري ڪارروائي تي حڪم امتناع جاري ڪري.عدالت خواجه حارث جي استدعا منظور ڪندي عدالت ۾ پيش ڪيل گذارشن کي آرڊر جو حصو بنائي ڇڏيو ۽ توشه خانه ۾ فوجداري ڪارروائي تي 8 جون تائين حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته سيشن عدالت توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪئي هئي ۽ ان تي شهادتون رڪارڊ ڪرڻيون هيون.
