49

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ روانو

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پيش ٿيڻ جي لاءِ سخت سيڪيورٽي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ روانو ٿي ويو.عمران خان جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي سبب عدالت جي چوڌاري سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پٺين دروازن کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ ٻن دروازن تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام آهن.ٻئي طرف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پوليس لائنز گيسٽ هائوس کان عدالت ۾ پيشي لاءِ روانو ٿيو، سندس قافلي جي سيڪيورٽي جا انتظام ڊي آءِ جي آپريشنز ڏسي رهيو آهي.ٻئي طرف اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو آهي ته عدالتي حڪم موجب گذريل رات عمران خان سان 10 ماڻهن ملاقات ڪئي جن ۾ صدر عارف علوي، گلگت بلتستان جو وڏو وزير، ڊاڪٽر فيصل ۽ 77 رڪني قانوني ٽيم به عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو