64

وفاقي ڪابينه اجلاس : ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ گهرو وزارت 9 مئي تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان حساس رياستي ادارن، عمارتن، جناح هائوس، شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي، ڀڃ ڊاهه، قومي نشريات روڪرائڻ، سوات موٽر وي، ريڊيو پاڪستان سميت ٻين سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، گاڏين کي ساڙڻ، عام شهرين کي تڪليف پهچائڻ جهڙن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.وفاقي ڪابينه اجلاس ۾ ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جي تجويزن تي غور ڪيو ويو پر ان حوالي سان حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو.وفاقي ڪابينه ميمبرن ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جي فيصلي تي اختلاف سامهون آيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو