60

سپريم ڪورٽ ٻاهران ڌرڻو: پي ڊي ايم اجازت لاءِ انتظاميه کي درخواست ڏئي ڇڏي

اسلام آباد :  پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي پارٽين ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.ڊپٽي ڪمشنر کي جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ڊي چوڪ ۾ اجتماع صبح جو 10 وڳي ٿيندو. ان ڪري ڌرڻي جي اجازت ڏني وڃي.درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڌرڻي جي حوالي سان سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جا انتظام به مڪمل ڪيا وڃن.  پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جي مقامي تنظيمن جو چڪ شهزاد ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد کان ڪارڪن ڌرڻي ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن. پرامن احتجاج ۾ وڌ کان وڌ ڪارڪن شامل ٿين.واضح رهي ته جمعيت علماءِ اسلام ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قوم کي سومر جي ڏينهن سپريم ڪورٽ ٻاهران پرامن احتجاج ۾ شرڪت لاءِ پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي.مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي ڀرپور طريقي سان شرڪت جو اعلان ڪيو آهي. البته عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) احتجاج ۾ شرڪت نه ڪندي.ٻئي طرف اسلام آباد ۾ قلم 144 به لاڳو آهي جڏهن ته اهم جڳهين ۽ عمارتن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج اڳ ئي مقرر آهي. ضلعي انتظاميه جي ذريعن موجب قلم 144 لاڳو هجڻ سبب احتجاج جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو