سپريم ڪورٽ نيب ترميمن بابت ڪيس ۾ وفاقي حڪومت ۽ عمران خان جي وڪيلن کي دليلن جي سمري جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي.وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته ڪالهه حالتون ئي اهڙيون هيون جو يقين نه هو ته عدالت پهچي سگهندس، اڄڪلهه ته سوشل ميڊيا به نه پئي هلي ته ڄاڻ ملي سگهي.چيف جسٽس چيو ڌريون مواد جمع ڪرائين، جيڪڏهن فراهم ڪيل مواد تي عدالت ڪنهن نتيجي تي پهتي ته آگاهه ڪنداسين، نيب ترميمن جي ڪيس جون اڄ 46 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، جنهن ۾ خواج حارث 26 ۽ مخدوم علي خان 19 ٻڌڻين تي دليل ڏنا، ڪيس کي وڌيڪ نٿا ٽنگڻ چاهيون، ڇو ته عدالتي موڪلن ۾ شايد بئنچ هڪ ئي وقت هتي موجود نه هجي، نيب قانون ۾ ڪيتريون ئي شيون درست آهن، ڪجهه غلطيون آهن، جن تي فيصلو ڏينداسين.چيف جسٽس چيو خواجا حارث نيب ترميمون ڏسي ٻائي ته غلطي ڪهڙي آهي ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪٿي ٿي آهي، پنهنجي پاران اهو طئي نٿا ڪري سگهون ته نيب قانون ۾ تبديلي سان بنيادي حق متاثر ٿي ويا.عمران خان جي وڪيل چيو ته حڪومت نيب قانون ۾ ڪالهه ٽين ترميم ڪئي آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا حڪومت به ته اسان جو امتحان وٺندي پئي وڃي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
