56

اڳوڻي گهرو وزير شهزاد اڪبر ۽ ماڊل صوفيه مرزا خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد: دبئي ۾ رهندڙ ارب پتي واپاري عمر فاروق ظهور مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ تي اڳوڻي گهرو وزير شهزاد اڪبر ۽ ماڊل صوفيه مرزا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.شهزاد اڪبر ۽ ماڊل صوفيه مرزا خلاف اسلام آباد يڪريٽريٽ پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. ايف آءِ آر ۾ صوفيه مرزا جي ڀيڻ مريم مرزا، مائره خرم کان علاوه عميد بٽ ۽ علي مردان شاهه به نامزد آهن.ايف آءِ آر موجب نامزد ماڻهن خلاف ڌوڪو ڏيڻ جعلي دستاويزات جي تياري، ڀته خوري، هتڪ عزت ۽ خطرناڪ ڌمڪيون ڏيڻ جا قلم داخل آهن.عمر فاروق ظهور خلاف انتقامي ڪارروائي لاءِ ڪوڙا ڪيس پي ٽي آءِ جي 2020 واري حڪومت جي دور ۾ ٺاهيا ويا هئا

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو