48

مليڪ بخاري ۽ علي محمد خان آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتار

لاهور :  پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ مليڪ بخاري ۽ علي محمد خان کي آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڄ مليڪ بخاري جي آزادي جا حڪم جاري ڪيا هئا، پنجاب پوليس مليڪا بخاري کي جيل مان آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتار ڪري ورتو.پوليس ذريعن موجب مليڪ بخاري کي اڊيالا جيل ٻاهران گرفتار ڪيو ويو ۽ پوليس کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.هوڏانهن علي محمد خان کي ڊسٽرڪٽ جيل جهلم ٻاهران ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، پنجاب پوليس جا اهلڪار علي محمد خان کي اڻڄاتل هنڌ وٺي ويا.ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ علي محمد خان جي آزادي جا حڪم جاري ڪيا هئا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو