وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب اجلاس ۾ پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي حملي ۽ پوءِ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، بريفنگ ڏني وئي ته حملي آور جي اچڻ جي وڊيوز ذريعي نشاندهي ڪئي وئي آهي.ڪميٽي خاطري ڪرائي ته متاثر خاندانن جي پيارن جو رت ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو.اپيڪس ڪميٽي چيو ته پاڪستانين جو رت وهائيندڙ دهشتگردن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رياست جي سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، گڏيل قومي هدف حاصل ڪرڻ جي جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو، گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت موجب قانون سازي ڪئي ويندي.پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ ملڪ اندر دهشتگردن جي مدد ڪندڙ سمورا ذريعا ختم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته دهشتگردي جي قسم ۽ هر شڪل لاءِ زيرو ٽالرنس جو رويو رکيو ويندو.اجلاس ۾ بارڊر مئنيجمينٽ ڪنٽرول ۽ اميگريشن جي نظام جي حوالي سان جائزو ورتو ويو، دهشتگردن خلاف جاچ، پراسيڪيوشن ۽ سزا ڏيارڻ جي مرحلن تي به غور ڪيو ويو، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو.پڌرائيءَ موجب قومي اتفاق راءِ سان اپيڪس ڪميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو.اجلاس ۾ وزيراعظم اي پي سي گهرائڻ جي فيصلي کي ساراهيو، ڪميٽي چيو اميد آهي سموري سياسي قيادت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ ميز تي وهندي، اميد آهي ته سياسي قيادت قومي اتفاق راءِ ذريعي قدمن جو فيصلو ڪندي.پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عالم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ منبر ۽ محراب جو فورم استعمال ڪن، عالم عوام کي آگاهه ڪن ته اهڙا حملا حرام ۽ قرآن ۽ سنت جي خلاف آهن، عالم عوام کي آگاهه ڪن ته بي ڏوهن جو رت وهائيندڙن جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي.پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، ڳجهن سول ۽ عسڪري ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي.
