45

دهشتگردن جي سهولتڪاري جو الزام، پنجاب حڪومت جو هڪ جج جي خلاف ريفرنس موڪلڻ جو فيصلو

پنجاب : جي نگران حڪومت دهشتگردن کي غيرمعمولي سهولتون فراهم ڪرڻ تي جج خلاف ريفرنس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي نشاندهي ڪندڙن لاءِ نقد انعامن جي منظوري ڏني وئي.دهشتگردي جا واقعا ٿيا اجلاس ۾ آءِ ايس آءِ آفيس تي حملي ۾ نامزد جوابدارن جي غيرقانوني سهولتڪاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن کي غير معمولي سهولت فراهم ڪرڻ تي جج خلاف ريفرنس موڪليو ويندو، جڏهن ته نامزد جوابدارن جي غير قانوني ۽ غير آئيني سهولتڪاري واري فيصلي کي به چئلينج ڪيو ويندو.اجلاس ۾ چيو ويو ته نامزد جوابدارن جي سهولتڪاري انصاف جي قتل جي برابر آهي.نگران وڏي وزير محسن نقوي شرپسندن خلاف داخل ڪيسن جي مڪمل پيروي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته فراري شرپسندن جي جلد کان جلد گرفتاري کي يقيني بڻايو وڃي، فوجي تنصيبات ۽ سرڪاري اثاثن تي حملا ڪرڻ وارا ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اونداهو باب آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو