ڪراچي : ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جو في تولو هڪ هزار رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 2 لک 32 هزار 600 رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 857 رُپيا گهٽجڻ بعد هڪ لک 99 هزار 417 رپيا ٿي وئي آهي.هوڏانهن عالمي بازار ۾ سون 12 ڊالر سستون ٿيڻ کانپوءِ في اونس 1964 ڊالر جو ٿي ويو آهي.
