54

هاڻ معافي جو وقت گذري ويو، عمران خان کي مصيبت ۾ ڏسي رهيو آهيان: منظور وساڻ

ڪراچي : پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته هاڻ معاف جو وقت گذري ويو آهي، عمران خان کي مصيبت ۾ ڏسي رهيو آهيان.پنهنجي هڪ بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته عمران خان سان گڏ هاڻ ڪوبه نه رهندو. پي ٽي آءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي چڪي آهي.صوبائي صلاحڪار چيو ته نئين پارٽين کي وجود ۾ ايندي ڏسي رهيو آهيان. نئين پارٽين جي قيادت ٻيا ڪندا. پي ٽي آءِ کي ڇڏيندڙ ليگ ۽ ڪجهه نئين پارٽين ۾ شامل ٿيندا.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ٻاهر وڃڻ به ڪوشش ڪندو پر کيس ٻاهر نه وڃڻ نه ڏنو ويندو. ٿي سگهي ٿو ته عمران خان ڪجهه ڏينهن لاءِ خاموشي اختيار ڪري وٺي.منظور وساڻ چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته مئي يا جون جا مهينا اهم آهن انهن مهينن ۾ وڏي ڳڙ ٻڙ ٿيندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو