54

پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي : پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي به تحريڪ انصاف ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ علي زيدي 9 مئي واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.هن چيو ته اسان پاڪستان جي خدمت ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي لاءِ سياست ۾ آيو هئس. 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪئي هئي ٻيهر به ڪريان ٿو. پاڪ فوج اسان لاءِ فخر آهي. ان جي ڪري ئي اسان سڪون سان سمهندا آهيون ڇو ته هو اسان جي سرحدن جي حفاظت ڪندا آهن. جيڪو ٿيو اهو غلط هو. ان ۾ جيڪو به ملوث هوندو ان کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ضروري آهي.هن چيو ته ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو جيڪو مشڪل فيصلو هو آسان فيصلو نه هو. فيصلو ڪيو آهي ته سياست ڇڏي ڏيندس، جڏهن سياست ڇڏيندس ته پي ٽي آءِ ۾ به جيڪو عهدو آهي ايم اين اي سميت سمورن تان استعيفيٰ ڏيان ٿو. پاڪستان جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو