51

ڪنڌڪوٽ : ڪشمور م استادن جو احتجاج

ڪشمور: ۾ جي اي ايس ٽي استادن پاران ڪنڌڪوٽ جي ٽريزري عملدارن جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ڪشمور جي استادن گذريل مھيني جي پگهارن ۾ مبينا طور 5 ھزار رپيا ڪٽوتي ڪرڻ ۽ 70 کان وڌيڪ استادن جون پگهارون بند ڪرڻ خلاف پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي استاد اڳواڻ زاھد کوسو نياز جکراڻي، لقمان نوناري، معشوق سومرو ۽ ٻين پريس ڪلب ڪشمور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا آڏو ٽريزري عملي مٿان الزام لڳائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ٽريزري آفيس جي آڊيٽر راجا ماڙوائي ۽ اي ڊي او برھان لوڌي ملي ڀڳت ڪري گذريل مهيني جي آيل پگهار مان 5 ھزار کان 8 ھزار رپين تائين ناجائز ڪٽوتي ڪري 70 کان وڌيڪ استادن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن ڊي سي ڪشمور ۽ وزير اعلي سنڌ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ھنن دانھيندي چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان حڪم نامو جاري ڪيو ويو هو ته بنا جواز ٽريزري عملدار ڪنهن به سرڪاري ملازم جي پگهار بند نٿا ڪري سگهن جنهن باوجود ٽريزري عملدار ريگيولر نه ھئڻ جو جواز ڄاڻائي آرڊر کڻي اچڻ جو چئي استادن جون پگهارون بند ڪيون آهن ۽ پنج کان اٺ ھزار تائين پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ڪشمور جي استادن جو وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ڊي سي منور علي مٺياڻي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فل فور نوٽس وٺي پگهارن ۾ ٿيل ڪٽوتي واپس ڪرائي وڃي ۽ بند ڪيل پگهارون ڏنيون وڃن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو