پاڪستان ۾ مسلسل 2 ڏينهن سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون 1700 رپيا سستو ٿي 2 لک 32 هزار 800 رپين جو ٿي ويو.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جو اگهه ۾ 1458 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 1 لک 99 هزار 588 رپيا رهيو.ٻئي پاسي عالمي صرافا بازار ۾ سون جو اگهه 11 ڊالر وڌيو آهي ۽ هي في اونس سون 1956 ڊالر جو ٿي ويو.
