54

سکر : واپڊا ماڊل اسڪول سکر ۾ سالياني امتحان جو رزلٽ ۽ پوزيشن کڻندڙ ۾ انعامن ورهائڻ جي تقريب منعقد ٿي گذري.

سکر : واپڊا ماڊل اسڪول سکر ۾ سالياني امتحان جو رزلٽ ۽ پوزيشن کڻندڙ ۾ انعامن ورهائڻ جي تقريب منعقد ٿي گذري. تقريب ۾ اسد مغل ڊائريڪٽر ايڊمن سيپڪو، شفيع محمد بلو ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن سکر، استادن، والدين، شاگردن، شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تفصيل موجب واپڊا ماڊل اسڪول سکر ۾ ڪلاس پهرين کان اٺين ڪلاس تائين جو رزلٽ انائونس ڪيو ويو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اسد مغل ڊائريڪٽر ايڊمن سيپڪو، پرنسپال واپڊا ماڊل اسڪول گل محمد سومرو چيو تہ اسڪولن ۾ ٻارڙن کي تعليم سان گڏوگڏ اسپورٽس، اخلاقيات، آداب جي درس ڏيڻ جي ضرورت آهي تہ جيئن اسان جون درسگاهون سٺا انسان پيدا ڪري سگهن. جيڪي ملڪ ترقي يافته سڏجن ٿا انھن جو راز خوش اخلاقي، ادب، هڪٻئي جو احترام ۽ انسانيت آهي. ان موقعي تي ڪلاس اٺين جي پوزيشن کڻندڙ صاديه، آصفه، غلام سڪينہ، ڪلاس ستين ۾ نور فاطمہ، اريبہ، عائشہ، ڪلاس ڇهين جي علينہ، زوبيہ، سوهان، آمنہ ڪلاس پنجين جي غلام صغریٰ، عارفہ صديقي، محمد مصور، عبدالرحمان، ڪليم ﷲ، محمد بلال، احمد رضا، رضيه فاطمہ، تنيشہ ۽ ٻين پوزيشن هولڊر ۾ ميرٽ سرٽيفڪيٽ، ٽرافيون ۽ ميڊل ڏنا ويا.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو