وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ڳالهين جو امڪان رد ڪري ڇڏيو.پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته مڪالمو جمهوري عمل جو حصو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ جمهوريت مستحڪم ٿيندي آهي ۽ هڪ ميز تي ويهي اتفاق راءِ سان ئي سياسي ۽ آئيني اڳڀرائي ممڪن هوندي اهي.هن چيو ته سياستدانن جي روپ ۾ انتهاپسند ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙ ڳالهين جو اهل ناهي، اهڙا عنصر رياستي علامتن تي حملا ڪندا آهن، انهن ڪارروائين تي اهڙن عنصرن جو گهيرو ٿيڻ گهرجي، ترقي يافته جمهوريتن ۾ به اهڙن عنصرن جو گهيرو ڪيو ويندو آهي.ياد رهي ته عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ ڳالهين جي اپيل 7 رڪني ڪميٽي جو به اعلان ڪيو هو.
