84

گلگت بلتستان جو نئون چونڊيل وڏو وزير پوليس کي گهربل نڪتو

گلگت بلتستان جو نئون چونڊيل وڏو وزير گلبر خان مردان پوليس کي گهربل نڪتو گلبر خان خلاف 24 لک رپين جي جعلي چيڪس جي ايف آءِ آر مردان جي پارهوتي ٿاڻي تي داخل آهي، اها ايف آءِ آر 9 فيبروري 2015ع ۾ داخل ڪرائي وئي هئي سينيٽر فيصل سليم الرحمان، گلبر خان خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، جڏهن ته مردان جي جڊيشل مئجسٽريٽ 23 جون 2016ع ۾ گلبر خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ايف آءِ آر موجب گلبر خان ۽ فريادي فيصل سليم الرحمان وچ ۾ رقم جو تڪرار هو، جوابدار گلبر خان فريادي فيصل سليم الرحمان کي 12، 12 لک رپين جا ٻه چيڪ ڏنا، جيڪي ڪيش نه ٿيا ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار فريادي سان فراڊ ڪيو، جيڪو ڏوهه آهي جڊيشل مئجسٽريٽ طرفان جاري وارنٽ جي متن موجب ”جوابدار گلبر خان کي مفرور قرار ڏئي گرفتاري وارنٽ جاري ٿا ڪيون، جوابدار جتي به ملي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا به هنيا ويا پر گرفتار نه ٿي سگهيو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو