93

ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي عرفان علي سمون ڪشمور ۾ مندر ۽ گوردوارا پهتو ۽ هندو برادري ۽ سک برادري سان ملاقات ڪئي

ڪنڌڪوٽ : ايس ايس پي عرفان علي سمون ڪشمور ۾ مندر ۽ گوردوارا پهتو ۽ هندو برادري ۽ سک برادري سان ملاقات ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته توهان بنا ڪنهن پريشاني جي مندر ۽ گوردواريءَ جو دورو ڪريو، مان توهان سان گڏ آهيان. ايس ايس پي عرفان علي سمون جي اهڙي محبت کي ڏسي سک برادري ايس ايس پي عرفان علي سمون کي تلوار ڏني ۽ سڀ تصويرون ڪڍرايا. ايس ايس پي عرفان علي سمون چيو ته سيما جي ڀارت وڃڻ کانپوءِ ڪجهه بنياد پرست ماڻهو مختلف شهرن ۾ هندو برادريءَ کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ مندرن تي حملا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، جيستائين مان ڪشمور ضلعي ۾ آهيان، هندو برادري جو تحفظ ڪرڻ منهنجو اولين فرض هوندو. ۽ سک برادري ان کان پوءِ ايس ايس پي عرفان علي سمون سڄي ضلعي ڪشمور جو دورو ڪيو ۽ سڀ کان پهريان احتجاج ڪندڙن وٽ پهتو ان کانپوءِ هو شهر جي مختلف دڪانن تي ويو ۽ کين چيو ته پنهنجي دڪان تي بي پروا ٿي ڪم ڪريو، ڪجهه به ناهي. ڪشمور ضلعي جي عوام ايس ايس پي عرفان علي سمون جي جذبي کي ساراهيو ۽ ان سان گڏ ٻارن ۽ بزرگن تصويرون پڻ ڪڍيون ويون

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو