لاهور: تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي پنهنجي نظربندي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ جي صدر چوڌري پرويز الاهي طرفان پنهنجي نظربندي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.پرويز الاهي طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نظربندي جو نوٽيفڪيشن عدالتي فيصلي تي اثر انداز ٿيڻ جي برابر آهي ان ڪري نظر بند ڪرڻ جو ڊپٽي ڪمشنر جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ںگذريل ڏينهن لاهور جي ڊپٽي ڪمشنر پرويز الاهي جي هڪ مهيني لاءِ نظربندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو پوليس طرفان ڊپٽي ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چيو ويو هو ته جاچ دوران اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پرويز الاهي امن امان لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو ان ڪري کيس ٿري ايم پي او تحت نظربند ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي 11 جولاءِ تي لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس 5 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو پر عدالت طرفان نوٽيس جاري ڪرڻ باوجود سندس آزادي عمل ۾ نه اچي سگهي
