اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ حڪومت طرفان انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ ترميم ذريعي عوام کان اربين روپيا اوڳاڙڻ واري سپر ٽيڪس کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سردار اعجاز، اسحاق خان محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي شق فور سي کي به غير آئيني قرار ڏنو. سيڪشن فور سي جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ وضاحت به ڪري ڇڏي آهي.عدالت مختلف ڪمپنين ۽ ادارن طرفان داخل ڪيل درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن. درخواستگذارن طرفان سلمان اڪرم راجا، عدنان حيدر رندهاوا ايڊووڪيٽ ۽ ٻين ڪيسز جي پيروي ڪئي.عدالت سپر ٽيڪس جي ڊيمانڊ ۽ ريڪوري جا سمورا نوٽيس عدالت ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا آهن.
