عدالت: مني لانڊرنگ ۽ ڪربشن ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي عدالت طرفان مونس الاهي کي ملڪ مان فرار ٿيڻ سبب اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ جا 2 ڪيس داخل ٿيل آهن ٻئي طرف اينٽي ڪرپشن سرڪل پنجاب ۾ به مونس الاهي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي مونس الاهي سميت ٻين 3 جوابدارن خلاف چالان عدالت ۾ جمع ڪيو ويو آهي اينٽي ڪرپشن سرڪل جي ڪيس ۾ به مونس الاهي کي اشتهاري قرار ڏنو ويو عدالت مونس الاهي جي ٽريول هسٽري ۽ بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. عدالت طرفان پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ رهائشگاهه جو صحيح ايڊريس به طلب ڪيو ويو. مونس الاهي جو سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ، بينڪ اڪائونٽ ۽ سموري ملڪيت جي منجمد ٿيڻ واري ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي ڪيس جي متن موجب مونس الاهي اربين روپيه غيرقانوني طريقي سان ملڪ کان ٻاهر کڻي ويو آهي.
