لاهور: رٿابندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته چونڊن ۾ دير جو ٿيڻ جو ڪو امڪان ناهي، جيئن آئيني مدو پورو ٿيندو اقتدار کان ڌار ٿي وينداسين ۽ مشاورت کانپوءِ نگران حڪومت سامهون اچي ويندي لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته عوام کي چوندس ته اوهان سمورين پارٽين جو تجربو ڪيو پر ن ليگ دور ۾ مُلڪي تاريخ جي رڪارڊ ترقي ٿي، تنهنڪري اسان کي موقعو ڏيوسندس چوڻ هو ته حڪومت ختم ٿيڻ کان هڪ هفتو اڳ نگران سيٽ اَپ
تي مشاورت مڪمل ڪنداسين، جنهن کانپوءِ چونڊ عمل شروع ٿي ويندواحسن اقبال جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايٽمي پروگرام ڪاميابي جو فارمولو ئي قومي ترقي جو فارمولو آهي، معاشي ترقي تي ڪمرومائيز نٿا ڪري سگهون، معاشي طاقت لاءِ منزل جو نشان سامهون هوندو ته سفر تيز ٿي ويندوهن وڌيڪ چيو ته 14 مهينن جي حڪومت مشڪل فيصلا ڪري معيشت بحالي جي سفر جي بنياد رکي ڇڏيو آهي