74

وزيراعظم : ملڪ جو ڏيوالو ٿئي ها ته منهنجي نرڙ تي قيامت تائين ڪارو چُٽو لڳي وڃي ها

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ملڪ جو ڏيوالو ٿي وڃي ها ته منهنجي نرڙ تي قيامت تائين ڪارو چُٽو لڳي وڃي ها ڊي آءِ خان ۾ ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو حلف کنيو ته مون کي احساس هو حالتون ڏاڍيون ڏکيون آهن پر اندازو نه هو ته حالتون تباهي جهڙيون آهن اسان هاڻ ڏکئي وقت مان نڪري ويا آهيون هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين آيف ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيو، سياست چمڪائڻ لاءِ رياست قربان ڪرڻ کي ترجيح ڏني، جڏهن ته اسان جي حڪومت فيصلو ڪيو ته سياست کي قربان ڪري رياست بچائينداسين سندس چوڻ هو ته ملڪ جو ڏيوالو ٿي وڃي ها ته قيامت تائين منهنجي نرڙ تي ڪارو چٽو هجي ها، اسان ڏيوالي کان بچي وياسين، ان تي خدا جو جيترو شڪر ادا ڪيان گهٽ آ، سڄي عمر سجدا ڪيان ته پوءِ شڪر ادا نٿو ڪري سگهان.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو