72

ترجمان فيصل ڪريم چيو آهي ته نگران حڪومت کي چونڊيل حڪومت جيترا اختيار ڏيڻ تي اعتراض ڪيو

پاڪستان: پيپلزپارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پيپلزپارٽي کي چونڊيل حڪومت جا اختيار نگران حڪومت کي ڏيڻ واري عمل تي سخت اعتراض آهي هڪ بيان ۾ سينيٽر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت تي اعتراض آهي ۽ پيپلزپارٽي کي نگران حڪومت کي چونڊيل حڪومت جا اختيار ڏيڻ تي به اعتراض آهي هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ جيڪا موجوده حڪومت آهي، اُن بابت خبر نٿي پوَي ته هيءَ نگران آهي يا چونڊيل حڪومت آهي پ پ ترجمان چيو ته سيڪشن 230 ۾ ترميم تي پيپلزپارٽي خدشن جو اظهار ڪيو آهي اسان اليڪشن طرف وڃي رهيا آهيون نئون معاهدو چونڊيل حڪومت ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته اسحاق ڊار جو نالو (ن) ليگ نه ڏنو هو ۽ نه ئي ان تي ڪا مشاورت ٿي آهي، نگران وزيراعظم کي غير جانبدار ۽ ايترو مضبوط هجڻ گهرجي جو هن ڀيري آر ٽي ايس سسٽم نه ويهي نگران حڪومت وٽ ڪهڙا اختيار هوندا پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2023ع منظور ڪيو ويو، اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2023ع پيش ڪيو ويوترميمي موجب نگران حڪومت ڪوبه نئون معاهدو نه ڪري سگهندي نگران حڪومت کي هلندڙ ٻه طرفي ۽ گهڻ طرفي معاهدن تي فيصلا ڪرڻ جو اختيار نه هوندو، نگران حڪومت کي اڳ کان جاري منصوبن تي ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو اختيار هوندو ترميم تحت نگران حڪومت اڳ ۾ ئي هلندڙ پروگرامن ۽ منصوبن بابت اختيار استعمال ڪري سگهندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو